لاهور: (م ڊ) پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير ۽ پي ٽي جي صدر پرويز الاهي کي اينٽي ڪرپشن پوليس سندس گهر ٻاهران گرفتار ڪري ورتو آهي.
ذريعن موجب ته چوڌري پرويزالاهي پنهنجي گاڏي ۾ وڃي رهيو هو ته پوليس سندس گاڏي روڪي کيس گرفتار ڪري ورتو.
اينٽي ڪرپشن پوليس جا اهلڪار کيس ٻئي گاڏي ۾ ويهاري پاڻ سان گڏ وٺي ويا.
پرويز الاهي جي ترجمان به سندس گرفتاري جي تصديق ڪري ڇڏي آهي، چوڌري پرويزالاهي ڪرپشن ڪيس ۾ عدالت ۾ عبوري ضمانت لاءِ درخواست داخل ڪئي هئي.