سوات (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پي ٽي آءِ اڳواڻن پاران پارٽي ڇڏڻ جو سلسلو جاري آهي ذريعن موجب پي ٽي آءِ جي اڳوڻي ايم اين اي ڊاڪٽر حيدر علي به پارٽي ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو آهي
ذريعن موجب ڊاڪٽر حيدر علي پي ٽي آءِ ڇڏڻ جو اعلان سڀاڻي ڪندو
ڊاڪٽر حيدر علي سوات مان پي ٽي آءِ جي ٽڪيٽ تي ايم اين اي چونڊيو ويو هو
ان کان اڳ ڪالهه شيرين مزاري، فياض الحسن چوهاڻ جليل شرقپوري، عبدالرزاق خان نيازي، سليم بريار، بلال احمد غفار ۽ عمر عماري به پارٽي ڇڏڻ جو اعلان ڪيو هو