| پي ٽي آءِ جي احتجاج کان اڳ اسلام آباد ۾ رستا روڪ لاءِ تياريون |
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي گهرو وزارت تحريڪ انصاف پاران 27 سيپٽمبر تي اسلام آباد ۾ احتجاج جي ڪال کانپوءِ احتجاج کي روڪڻ لاءِ هينئر کان ئي قدم کڻڻ شروع ڪري ڇڏيا. ذريعن موجب اسلام آباد ۾ مظاهرين کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ تياريون شروع ڪيون ويون آهن، وفاقي گادي واري شهر کي مجموعي طور 26 هنڌن تان بند ڪرڻ جو منصوبو تيار ڪيو ويو آهي. امن امان برقرار رکڻ لاءِ پنجاب ۽ سنڌ مان پوليس اهلڪار طلب ڪيا ويندا، جڏهن ته ايف سي ۽ رينجرز جي مدد پڻ ورتي ويندي.. ذريعن موجب اسلام آباد ۾ لڳ ڀڳ 25 هزار اهلڪار مقرر ڪيا ويندا.. اسلام آباد جا سمورا داخلا رستا بند ڪرڻ سان گڏ ريڊ زون کي مڪمل طور سيل ڪرڻ جون تياريون پڻ ڪيون پيون وڃن. ذريعن موجب اسلام آباد پوليس آنسو گيس جا شيل پڻ طلب ڪري ورتا آهن. اسلام آباد ۽ پنجاب پوليس ڪنٽينر به قبضي ۾ وٺڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن. ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته احتجاج ڪندڙ مظاهرين کي 26 نمبر ڪٽي پهاري تي روڪيو ويندو. ٻين شهرن مان ايندڙ اهلڪارن کي مختلف اسڪولن ۾ رهائش ڏني ويندي.