پي ٽي آءِ جي استعيفائن جو ڇا ڪجي؟ اسپيڪر پاران قانوني ماهرن سان مشاورت

مَي 23, 2023

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف پاران پي ٽي آءِ ميمبرن جي استعيفائن جي حوالي سان عدالتي فيصلي تي مشاورت لاءِ اجلاس ڪيو ويو

ذريعن مطابق اسپيڪر پي ٽي آءِ  ميمبرن جون استعيفائون قبول ڪرڻ جي حوالي سان هاءِ ڪورٽ جي فيصلو جو جائزو ورتو

ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ قانوني ماهرن راءِ ڏني ته لاهور ڪورٽ جي فيصلي ۾ اسپيڪر جي رولنگ کي ختم نه ڪيو ويو آهي، اسپيڪر جي رولنگ ڪنهن ڪورٽ ۾ چيلينج نه ٿي ڪري سگهجي

اسپيڪر راجا پرويز اشرف لاهور هاءِ ڪورت جي فيصلي کي سامهون رکندي حتمي راءِ قائم ڪري ورتي آهي

ذريعن مطابق اسپيڪر کي هن وقت تائين لاهور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو لکت ۾ نه مليو آهي، ذريعن مطابق اسپيڪر مختلف ذريعن کان مليل فيصلي جي ڪاپي کي سامهون رکي حتمي راءِ قائم ڪئي آهي

Leave A Comment