پي ٽي آءِ جي عورتن سان جيل ۾ ڇا ٿو ٿئي ؟ جاچ شروع

مَي 29, 2023

لاهور (پنهنجي ڊيسڪ) تحريڪ انصاف پاران الزام هنيو ويو ته گرفتار ٿيل عورتن مٿان جيل ۾ تشدد ڪيو پيو وڃي اهڙي الزام بعد نگران وزيراعليٰ پنجاب 2 رڪني جاچ ڪاميٽي جوڙي آهي

ڊپٽي ڪمشنر لاهور رافعه حيدر ۽ ايس ايس پي انويسٽيگيشن مسعود ڪوٽ لکپت جيل پهچي قيد عورتن سان ملاقات ڪئي

2رڪني ڪاميٽي تحريڪ انصاف جي الزامن جي جاچ ڪري رهي آهي

پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي لاهور ۾صحافين سان ڳالهائيندي چيو آهي ته خديجه شاهه پوليس جي حراست ۾ آهي خديجه شاهه سميت گرفتار ٿيل سمورين عورتن سان قانون موجب سلوڪ ڪيو پيو وڃي

محسن نقوي چيو ته خديجا شاهه جيل ۾ آهي ۽ سندس سڃاڻپ پريڊ ٿي رهي آهي، جناح هائوس تي حملي ۾ ملوث ڪير ڪيڏو به بااثر ڇو نه هجي کيس بخش نه ڪيو ويندو

هن چيو ته تحريڪ انصاف گرفتار عورتن سان بدسلوڪي جا ڪوڙا الزام هڻي رهي آهي،  9 مئي تي 32 عورتون گرفتار ٿيون هيون، جن مان 11 جيل ۾ آهن مائرن ۽ ڀينرن جو تحفظ منهنجي ذميواري آهي عورتن کي حراست ۾ وٺڻ وقت عورت آفيسرز جي موجودگي کي يقيني بڻايو پيو وڃي

Leave A Comment