| پي ٽي آءِ جي ياسمين راشد، محمود الرشيد، اعجاز چوڌري، عمر چيمه کي 9 مئي ڪيس ۾ 10 سال ٽيپ، شاهه محمود قريشي بري |
لاهور(م ڊ) پي ٽي آءِ جي 8 اهم اڳواڻن کي 9 مئي جي وڳوڙن واري وڌيڪ هڪ ڪيس ۾ سزا ملي وئي، عدالت پي ٽي آءِ جي وائس چيئرمين شاهه محمود قريشي سميت 13 جوابدارن کي ڪيس مان آزاد ڪري ڇڏيو. لاهور جي دھشتگردي ٽوڙ عدالت 9 مئي تي ڪلب چوڪ جي او آر گيٽ تي حملي جي ڪيس ۾ پي ٽي آءِ جي 8 اڳواڻن کي 10-10 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي آھي. عدالت ساڳئي ڪيس ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ شاھ محمود قريشي کي بري ڪري ڇڏيو، جڏھن تہ ٻين چئن اڳواڻن ڊاڪٽر ياسمين راشد، عمر سرفراز چيمہ، ميان محمود الرشيد ۽ اعجاز چوڌري سميت 8 جوابدارن کي 10-10 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي. جج منظر علي گل ڪوٽ لکپت جيل اندر فيصلو ٻڌائيندي گورنمينٽ آفيسرز ريزيڊنس، آءِ ڪلب چوڪ جي گيٽ تي حملي بابت ڪيسن ۾ پي ٽي آءِ جي اڳواڻ ڊاڪٽر ياسمين، عمرسرفراز چيمہ، ميان محمود الرشيد ۽ چوڌري اعجاز کي 10-10 قيد جي سزا ٻڌائي، جڏھن تہ اڳوڻي پرڏيھي وزير شاھ محمود قريشي کي بري ڪيو ويو. ٽرائل دوران ڊاڪٽر ياسمين راشد سميت 21 جوابدارن جا حتمي بيان قلمبند ڪيا ويا، جڏھن تہ پراسيڪيوشن پاران 56 شاهدن کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. ياد رھي تہ ٽرائل دوران 4 جوابدارن کي اشتھاري بہ قرار ڏنو ويو ھو. ياد رهي ته هلندڙ سال جولاءِ ۾ به 9 مئي جي هڪ ڪيس ۾ ڊاڪٽر ياسمين راشد، ميان محمود الرشيد، اعجاز چوڌري ۽ عمر سرفراز چيما کي 10-10 سال قيد جي سزا ڏني وئي هئي ۽ شاهه محمود قريشي کي ان ڪيس ۾ به آزاد ڪيو ويو هو. ساڳي طرز جا اڳ ۾ ڪل 5 ڪيس مڪمل ٿيا آهن جن ۾ ساڳي طرز جون سزائون ڏنيون ويون آهن سزا تي آخري اطلاعن تائين پي ٽي آءِ جي قيادت جو ڪو ردعمل سامهون نه آيو آهي. ٻين ڪيسن جي ڪري شاهه محمود قريشي آزاد نه ٿيندو.