اسلام آباد/ڪراچي (نمائندن وٽان) پي ٽي آءِ جون اڄ وڌيڪ ٻه وڪيٽون ڪِري پيون، ڪنيز فاطمه ۽ اسلم خان تحريڪ انصاف ڇڏڻ جو اعلان ڪيو آهي
اسلام آباد ۾ پريس پريس ڪانفرنس ڪندي پي ٽي آءِ ويمن ونگ پنجاب جي سينئر وائيس پريزيڊنٽ ڪنيز فاطمه پي ٽي آءِ ڇڏڻ جو اعلان ڪيو ، سياست تان به هٿ کڻي وئي
ڪنيز فاطمه چيو ته آئون سياست کان وقفو وٺي رهي آهي في الحال سياست نه ڪنديس پي ٽي آءِ جي عهدن تان به استعيفا ڏئي رهي آهيان
هن چيو ته 9مئي جي واقعن جي مذمت ڪريان ٿي پاڪستان آهي ته اسان آهيون ڪوئي به محب وطن پاڪستاني اهڙن واقعن کي پسند نه ڪندو.
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پي ٽي آءِ جي اڳوڻي ايم اين اي اسلم خان پارٽي ڇڏڻ جو اعلان ڪيو
اسلام خان پي ٽي آءِ جي ٽڪيٽ اين اي 245 عزيز آباد تان قومي اسيمبلي جو ميمبر هو