لاهور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ جي 123 ڪارڪنن جي نظربند جا حڪم معطل ڪندي ڪارڪنن کي فوري طور آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو هوڏانهن راولپنڊي ۾ پي ٽي آءِ جي عورت ڪارڪن انعم نديم شيخ کي حراست ۾ وٺڻ بعد اڊيالا جيل منتقل ڪيو ويو آهي انعم نديم شيخ کي 15 ڏينهن نظربند ڪرڻ جو نوٽيفيڪشن جاري ڪيو ويو آهي