ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) صوبائي وزير سعيد غني جماعت اسلامي کي ڳالهين جي دعوت ڏيندي چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي 43 ميمبرز مان اڪثريت جماعت اسلامي کي ووٽ ڪرڻ لاءِ تيار ناهي عمران نيازي ۽ حافظ نعيم جو هڪ ئي مسئلو آهي
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس سعيد غني چيو ته پي ٽي آءِ ۽ جماعت اسلامي ملي وڃي ته اسان جا 9 ميمبر گهٽ آهن هن چيو ته ويهي ڪري معاملو حل ڪري سگهجي ٿو مڪاني نمائندن کي اغوا ڪرائڻ جو الزام رد ڪندي هن چيو ته پي ٽي آءِ جي اڪثريت ميمبرز واضح ڪري ڇڏيو هو ته جماعت اسلامي کي ووٽ نه ڏيندا هنن چيو هو ته بنا وجهه جي جماعت اسلامي کي پنهنجي ڪلهن تي نٿا کڻي سگهون
سعيد غني چيو ته حافظ نعيم جي اها ڳالهه غلط آهي ته اسان تڪبندي ڪري سيٽون کٽيون آهن 2015ع ۾ ته اسان جو ميئر نه هو تڪبنديون سنڌ سرڪار يا پ پ نه پر اليڪشن ڪميشن ڪيون هيون
صوبائي وزير چيو ته جماعت اسلامي کي ميئر جي چونڊ ۾ اڪثريت ملي ٿي ته ڀلي ٿين پر اڪثريت جو امڪان ناهي پ پ کي اڪثريت ملي ته کليل دل سان قبول ڪن