پي ٽي آءِ جي 72 ايم اين ايز جي استعيفائن جي منظوري ڪالعدم قرار، عمران اپوزيشن ليڊر ٿيندو: وڪيل

مَي 19, 2023

لاهور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ جي 72 قومي اسيمبلي ميمبرن جي استعيفائن جي منظوري جو نوٽيفڪيشن ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس شاهد ڪريم پاران رياض فتيانه جي درخواستن تي فيصلو ٻڌايو ويو

عدالت اسپيڪر ۽ اليڪشن ڪميشن پاران پي ٽي آءِ ميمبرن جي استعيفائن جي منظوري جو نوٽيفڪيشن ڪالعدم قرار ڏنو عدالت اسپيڪر قومي اسيمبلي کي سمورن ميمبرن کي ٻڌي ٻيهر فيصلو ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي

عدالت پي ٽي آءِ ميمبرن کي استعيفا واپس وٺڻ لاءِ اسپيڪر سامهون پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي

وڪيل علي ظفر چيو آهي ته لاهور هاءِ ڪورٽ تاريخي فيصلو ڏنو آهي ان فيصلي سان سياسي بحران حل ٿي ويندو عمران خان قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر طور پنهنجو ڪردار ادا ڪندو

هن چيو ته اليڪشن ڪميشن جي ڊي نوٽيفڪيشن کي ختم ڪرڻ بعد پي ٽي آءِ ميمبر قومي اسيمبلي جوائن ڪري سگهندا پي ٽي آءِ ميمبر قومي اسيمبلي انڪوائري ۾ پيش ٿي استعيفا واپس وٺندا

علي ظفر چيو ته ڳالهيون قومي اسيمبلي ۾ ٿينديون اميد آهي ته اسپيڪر قانون موجب انڪوائري مڪمل ڪندو ۽ پي ٽي آءِ ايم اين ايز کي اچڻ ڏيندو

Leave A Comment