پي ٽي آءِ حڪومت ۾ سرڪاري سوشل ميڊيا ٽيمز وسيلي پروپگئنڊا ڪرڻ جا انڪشاف: ترقياتي فنڊ جا 87 ڪروڙ استعمال ڪيا ويا: فياض چوهاڻ

آڪٽوبر 25, 2023

اسلام آباد(پنهنجي ڊيسڪ) پي ٽي آءِ حڪومت ۾ سرڪاري سوشل ميڊيا ٽيمز وسيلي پروپگئنڊا ڪرڻ جا انڪشاف، سوشل ميڊيا اڪائونٽس وسيلي 9 مئي واقعن ۾ ڪارڪنن ۽ عوام کي ڀڙڪائڻ جي به ڪوشش ڪئي وئي

 سرڪاري دستاويزن موجب سالياني ترقياتي پروگرام جي اوٽ ۾ سوشل ميڊيا ٽيمن کي بيانيو پکيڙڻ ٽاسڪ ڏنو ويو، ڪي پي جي بجيٽ ۾ اِن منصوبي لاءِ 870 ملين روپيا رکيا ويا

سوشل ميڊيا  ٽيم ۾ شامل ملازمن جي پگهار 25 کان 40 هزار روپيا ماهوار رکي وئي، پي ٽي آءِ پاران رياست مخالف پروپئگنڊا ۾ شامل 800 اڪائونٽس جي ڇنڊڇاڻ ڪئي وئي، اُنهن مان 72 سيڪڙو اڪائونٽس جو 2021ع کان اڳ پي ٽي آءِ ڏانهن سياسي لاڙو نه هو

 جون 2022ع کانپوءِ 86 سيڪڙو اڪائونٽس سياسي لاڙو تبديل ڪيو، اُنهن پي ٽي آءِ جو بيانيو پوسٽ ڪرڻ شروع ڪيو هو

ٻئي طرف عمران خان جو ويجهو ساٿي فياض الحسن سندس خلاف سلطاني گواهه بڻجي ويو آهي سندس چوڻ آهي ته حڪومت وڃڻ جو اندازو ٿيڻ بعد پي ٽي آءِ چيئرمين ترقياتي فنڊ جا 87 ڪروڙ روپيا ڪڍرائي سوشل ميڊيا ۾ ڀرتيون ڪري پنهنجو بيانيو پروموٽ ڪرايو

سندس چوڻ هو ته سوشل ميڊيا ٽيم ۾ ڀرتين واري معاملي جو اکين ڏٺو شاهد آهيان، اڳوڻو وزيراعظم منهنجي اڳيان فيصل جاويد ۽ افتخار دراني کان سوشل ميڊيا ٽيم جي ڪارڪردگي بابت رپورٽ وٺندو هو

Leave A Comment