پي ٽي آءِ خلاف ڪريڪ ڊائون جاري: 2200 ڪارڪن گرفتار: پرتشدد ڪارروائين ۾ 145 پوليس اهلڪار زخمي

مَي 11, 2023

لاهور(مانيٽرنگ ڊيسڪ) پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي گرفتاري خلاف ملڪ گير پرتشدد واقعن کانپوءِ 2 هزار 2 سئو کان وڌيڪ ماڻهو گرفتار ڪيا ويا آهن. تفصيل موجب پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي گرفتاري خلاف ڪارڪنن جو ملڪ گير احتجاج ٽئين ڏينهن به جاري آهي جڏهن ته پوليس به پي ٽي آءِ اڳواڻن ۽ ڪارڪن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري رکندي 2200 کان وڌيڪ ڪارڪن گرفتار ڪري ورتا آهن. پنجاب پوليس جي ترجمان موجب اسلام آباد مان 200 ۽ پنجاب مان 13 سئو 86 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو جڏهن ته پرتشدد ڪارروائين ۾ پنجاب ۾ 145 کان وڌيڪ پوليس آفيسرز ۽ اهلڪار زخمي ٿيا، پنجاب پوليس جي استعمال هيٺ 69 گاڏين کي نقصان پهچايو ويو آهي، خيبرپختونخوا ۾ پرتشدد مظاهرن دوران هيل تائين 7 ماڻهو مارجي ويا ۽ 106 زخمي ٿيا، پشاور ۾ 4، ڪوهاٽ ۾ 2 ۽ دِير ۾ هڪ شخص مارجي ويو، زخمين ۾ 36 پوليس آفيسرز ۽ اهلڪار به شامل آهن، پوليس موجب ڪي پي ۾ پرتشدد مظاهرن  ۾ ملوث 296 ڄڻا گرفتار ڪيا ويا آهن جڏهن ته ڪراچي ۾ پرتشدد مظاهرن ۾ ملوث 350 ڄڻا گرفتار ڪيا ويا آهن.

Leave A Comment