پي ٽي آءِ سان ويجهڙائي، فضل الرحمان جو حڪومت کي سرپرائيز، آئيني ترميمي مسودو رد، کيس پرچائڻ جون ڪوششون جاري
سيپٽمبر 19, 2024
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان حڪومتي آئيني ترميمن جي مسودي کي رد ڪري ڇڏيو، حڪومت پاران کيس پرچائڻ جون ڪوششون جاري، پي ٽي آءِ وفد به مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ڪئي
اڪستان تحريڪ انصاف سان ملاقات کانپوءِ جميعت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان ميڊيا سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته اسان حڪومتي جي آئيني ترميمي مسودي کي مڪمل طور تي رد ڪري ڇڏيو آهي
حڪومت چئي رهي آهي ته اسان جو ڪو مسودو ناهي، اها ڪهڙي راند هئي جو مسودو ڪنهن کي ڏنو ۽ ڪنهن کي نه ڏنو، جيڪو مسودو مهيا ڪيو ويو اهو ڇا هيو؟ هن چيو ته هي مسودو ڪنهن به صورت ۾قابل قبول ۽ نه ئي قابل عمل آهي
هن چيو ته حڪومتي آئيني ترميم جي حمايت ڪريون ها ته اها قوم جي امانت ۾ خيانت هجي ها، آئيني ترميمن ۾ ڪردار بابت پي ٽي آءِ باني جي بيان تي سوال جي جواب ۾ مولانا فضل الرحمان چيو ته آئون به اِن تي ڪجهه نٿو چئي سگهي
پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد قيصر چيو ته حڪومت پنهنجي پارليامينٽيرينز کان به آئيني ترميمن کي لڪايو، مولانا سان طئه ٿيو آهي ته اپوزيشن مشاورت سان اڳتي وڌندي، اسان جي کنڀيل ميمبرز ٻڌايو ته کين هدايت ڪئي وئي ته آئيني ترميمن جي حمايت ۾ ووٽ ڏين
جڏهن ته پي ٽي آءِ اڳواڻن سان ملاقات بعد پنهنجي رهائشگاهه ويل مولانا فضل الرحمان سان وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ملاقات ڪئي، محسن نقوي مولانا فضل الرحمان سان ملڻ لاءِ سندس رهائشگاهه پهتو، ملاقات ۾ آئيني ترميمن لاءِ تجويزن تي صلاح مشورا ڪيا ويا
وفاقي وزير خواجه آصف چيو آهي ته بلاول ۽ محسن نقوي هڪ ئي مسودي تي فضل الرحمان سان ڳالهيون ڪري رهيا آهن، پي پي ۽ جي يو آءِ آئيني ترميمن جي مسودي تي ڪم ڪري رهيون آهن، حڪومت وٽ به مسودو آهي، ٽنهي مسودن تي ڳالهيون ڪري متفقه مسودو ٺاهيو ويندو
مولانا فضل الرحمان سينئر سياستدان آهي، ڪا نه ڪا گنجائش نڪري ايندي، هڪ سوال تي هن چيو ته عمران جي ملٽري ٽرائل جو فيصلو اڃا ناهي ٿيو
نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي هن وڌيڪ چيو ته والاريل ڪشمير جي چونڊن ۾ ڪانگريس ۽ نيشنل ڪانفرنس جو اتحاد کٽي سگهي ٿو، اميد آهي ته ڪانگريس واعدي موجب 370 ۽ 35 اي بحال ڪري سگهي ٿي
وفاقي وزير اطلاعات عطاءَ تارڙ چيو آهي ته آئيني ترميم جي حوالي سان وسيع تر مشاورت جو سلسلو جاري آهي، سياسي پارٽين ۾ اتفاق راءِ پيدا ٿي، دنيا جي مختلف ملڪن ۾ سپريم ڪورٽ الڳ ۽ آئيني عدالتون الڳ هونديون آهن
هن چيو ته 9 مئي جي واقعن جا فيصلا هن وقت تائين ناهن ٿي سگهيا. آمريڪا ۾ ڪيپيٽل هل جا ڪيس ڪجهه مهينن ۾ پنهنجي انجام تائين پهتا
هن چيو ته مولانا فضل الرحمان سان به آئيني ترميم تي مشاورت جاري آهي، آئيني ترميم تي اتفاق راءِ پيدا ڪئي پئي وڃي. آئيني ترميم جي مسودي ۾ انصاف کي آسان بڻائڻ لاءِ شقون موجود آهن
هن چيو ته آئيني ترميم جي وڌيڪ مشاورت ڪري ان معاملي کي اڳتي وڌائڻ گهرجي. هن چيو ته پي ٽي آئي آئيني ترميم جي مسودي تي سياست ڪئي. ڪنهن کي اين آر او نه ملندو