پي ٽي آءِ سان ڳالهين تي اتحادين کي اعتماد ۾ وٺڻ جو فيصلو: دٻاءُ ۾نه اچو، رڳو جائز مطالبا مڃو: نواز جي شهباز کي هدايت
جنوري 20, 2025
لاهور (م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف پاران پي ٽي آءِ سان جاري ڳالهين بابت نواز ليگ جي صدر نواز شريف سوڌو پارٽي قيادت سان صلاح مشورا ڪيا ويا، جاتي امراء رائيونڊ ۾ شهباز شريف ۽ نواز شريف وچ ۾ 2 ڪلاڪ جاري ملاقات دوران مريم نواز به موجود هئي، ملاقات ۾ ڳالهين ۽ پي ٽي آءِ ڪميٽي جي مطالبن تي غور ڪيو ويو، ذريعن موجب شهباز شريف قيادت کي ڳالهين ۾ اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو، نواز ليگ ترجمان پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب وزيراعظم ملڪ جي سياسي ۽ معاشي صورتحال کان آگاهه ڪيو، نواز شريف پاران مهانگائي ۾ گهٽتائي ۽ عوام کي رليف ڏيڻ بابت حڪومتي قدمن جي ساراهه ڪئي وئي، نواز شريف چيو ته ملڪ لاءِ اسان سڀني کي گڏجي هلڻو پوندو، هن وزيراعظم کي هدايت ڪئي ته پي ٽي آءِ سان ڳالهين ۾ ملڪي مفاد کي سامهون رکيو وڃي، شهباز شريف چيو ته پي ٽي آءِ ڳالهين کان آگاهه ڪيو ۽ چيو ته ملڪي معاشي حالتون بهتر ٿي ويون، حالتون درست رخ ۾ وڃي رهيون آهن، وزيراعظم چيو ته ملڪ جي معاشي بدحالي ختم ڪرڻ لاءِ حڪومت جي ڪوششن رنگ لاٿو آهي، مهانگائي ۾ گهٽتائي آئي آهي، ان موقعي تي ن ليگ صدر نواز شريف مهانگائي ۾ لاٿ ۽ عوام جي رليف جي فراهمي لاءِ حڪومتي قدمن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. نواز شريف چيو ته اپوزيشن جو دٻاءُ ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو وڃي، صرف جائز مطالبا مڃيا وڃن، ذريعن موجب وزيراعظم پ پ جي خدشن کان به آگاهه ڪيو، ملاقات ۾ پي ٽي آءِ سان ڳالهين تي اتحادين کي به اعتماد ۾ وٺڻ تي اتفاق ڪيو ويو.