پي ٽي آءِ سان ڳالهين لاءِ در کليل، جنهن کي منٿون ڪرڻيون پيون ڪنداسين: اسپيڪر

ڊسمبر 21, 2024

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق چيو آهي ته اپوزيشن ۽ حڪومت کي هڪ ٽيبل تي آڻڻ منهنجو ڪم آهي، سڀني جي خواهش آهي ته ڳالهيون ٿيڻ گهرجن، اپوزيشن کي گڏ کڻي هلڻ منهنجي خواهش آهي، اسلام آباد ۾ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اياز صادق چيو ته پي ٽي آءِ سان ڳالهين لاءِ اسان جا در کليل آهن، اسان ڳالهين لاءِ جنهن کي منٿون ڪرڻيون پيون اسان منٿون ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، ڪاميٽي ٺهندي ته رستا پاڻ ئي نڪري ايندا، هن چيو ته اسپيڪرز ڪانفرنس ۾ پارليامان جي بالادستي جو عزم ڪيو ويو، طئي ڪيو ويو ته سمورين اسيمبليز  ۾ قاعده ۽ ضابطه هڪ جهڙا هوندا، اسپيڪر ايوان جي تقدس جو محافظ آهي، سمورن ميمبرز کي گڏ کڻي هلڻ اسپيڪر جي ذميواري آهي، موسمياتي تبديلي هڪ نئين وبا آهي، ڌيان ڏيڻ گهرجي، سمورا صوبا گڏجي ڪري ايوان ۾ موسمياتي تبديلي جي اثرن تي بحث ڪن، اياز صادق چيو ته حڪومت ۽ اپوزيشن کي پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي جو فيصلو ڪرڻ جو چيو هو، آخري وارننگ ڏني آهي، فيصلو نه ڪيو ويو ته ڪاميٽي اجلاس ريڪوزيشن ڪندس، پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي کي فعال ڪرڻ ضروري آهي، اڪائونٽس ڪاميٽي کربين رپين جي رڪوري ڪئي.

Leave A Comment