| پي ٽي آءِ سينيٽر پاران ترميم جي حمايت بعد استعيفا جو اعلان |
اسلام آباد: پي ٽي آءِ سينيٽر سيف الله ابڙو 27هين ترميم جي حمايت ۾ ووٽ ڏيڻ بعد رُڪنيت تان استعيفا جو اعلان ڪري ڇڏيو، سينيٽ ۾ خطاب ڪندي سيف الله ابڙو چيو ته آئون فيلڊ مارشل کي ووٽ ڏيڻ آيو آهيان، آمريڪي صدر ٽرمپ به جيتري عزت فيلڊ مارشل کي ڏني، اُها ڪنهن به صدر ۽ وزيراعظم کي نه ملي، سيف الله ابڙو چيو ته سينيٽر شپ تان استعيفا ڏيان ٿو،سيف الله ابڙو چيو ته 26هين ترميم وقت منهنجي گهرواري گرفتار ٿي، منهنجا 10 ڀاتي کنڀيا ويا، پي ٽي آءِ مان ڪنهن به منهنجي لاءِ آواز نه اٿاريو. اُميد ته سڀاڻي مون کي ڊي نوٽيفاءِ ڪري اليڪشن ڪميشن ڏانهن اُماڻيو ويندو، جنهن تي سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني چيو ته اسان توهان کي ٻيهر سينيٽر بڻائينداسين.