اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف، چيئرمين عمران خان کي رليف ڏيارڻ لاءِ اولھه جي ملڪن کان مدد گھري ورتي آهي. ان ڏس ۾ پي ٽي آءِ جي سينئر قيادت سفيرن سان رابطو ڪيو
ذريعن موجب شاهه محمود، رئوف حسن ۽ علي ظفر مختلف ملڪن جي سفيرن سان ملاقاتون ڪيون ۽ رابطا ڪيا. آسٽريليو هاءِ ڪميشن ۾ ملاقات ٿي، جتي برطانوي هاءِ ڪمشنر، ڪينڊين سفير. آمريڪي هاءِ ڪمشنر موجود هئا. ان کان سواءِ ملاقات ۾ يورپي يونين جي سفير ريناڪ ڪيون ڪلا ۽ ناروي جو سفرر البرٽ به موجود هو
ذريعن موجب آسٽريلوي سفارتخاني ۾ ناشتي تي ٿينڊ ملاقات ۾ انڊويشيان جو سفير ايڊم ٽوگيو به موجود هو. پي ٽي آءِ قيادت پرڏيهي سفيرن کان پي ٽي آءِ چيئرمين جي معاملي تي مدد گھري. ذريعن موجب سفارتخانن کان پي ٽي آءِ چيئرمين جي اٽڪ جيل مان منتقلي ۾ مدد گھري وئي. آمريڪي سفر سان سائفر معاملي تي به ڳالهايو ويو
پي ٽي آءِ جي ترجمان رئوف حسن چيو ته آسٽريلوي هاءِ ڪميشنر ناشتي تي گھرايو هو، جتي پاڪستان جي سياسي صورتحالتي ڳالهيون ٿيون. سينيٽر علي ظفر جو چوڻ آهي ته ملاقات ۾ دهشتگردي جي وڌندڙ رلاڙن، علائقائي صورتحال تي ڳالهيون ٿيون، جڏهن ته ايندڙ چوندن ۽ سياسي معاملن تي به ڳالهيون ڪيون ويون
هوڏانهن پي ٽي آءِ جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي ملاقاتن جي ترديد ڪئي آهي، جڏهن ته سينيٽر علي ظفر ۽ حسن رئوف تصديق ڪئي آهي.