پي ٽي آءِ غيرقانوني فنڊنگ جو رڪارڊ نامعلوم ماڻهو کڻي ويا

جُون 6, 2023

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ ممنوعه  فنڊنگ ڪيس ضبطگي بابت شوڪاز نوٽيس تي ٻڌڻي جاري آهي، چيف اليڪشن ڪمشنر جي سربراهيءَ ۾ ٽه رڪني ڪميشن ٻڌڻي ڪري رهي آهي

ممنوعه فندنگ ڪيس ۾ پي ٽي آءِ طرفان وڪيل انور منصور پيش ٿي چيو ته هن وقت پي ٽي آءِ جون آفيسون بند آهن، پي ٽي آءِ عهديدار روپوش ٿي چڪا آهن، اسان پرڏيهي ملڪن مان وڌيڪ رڪارڊ به گھرايو هو

وڪيل انور منصور چيو ته اڻڄاتل ماڻهو پي ٽي آءِ جو سمورو رڪارڊ کڻي ويا آهن، هن وقت معاملا انتهائي سنجيده آهن، اليڪشن ڪميشن گذريل ٻڌڻي جو آرڊر جاري ڪيو، هن وقت معاملو سنجيده نوعيت جو آهي، رڪارڊ جي غير موجودگي ۾ ڪهڙا دليل ڏيان؟

چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته اليڪشن ڪميشن حقيقتن جي بنياد تي مرڪزي ڪيس جو فيصلو ڏنو آهي، مرڪزي ڪيس جو فيصلو چئلينج ڪرڻو آهي ته لاڳاپيل فورم سان رجوع ڪيو

Leave A Comment