پي ٽي آءِ فوج تي تنقيد تي معافي وٺي ڳالهيون شروع ڪنداسون: وفاقي وزير

پي ٽي آءِ فوج تي تنقيد تي معافي وٺي ڳالهيون شروع ڪنداسون: وفاقي وزير

اسلام آباد: وفاقي وزير اطلاعات عطاءُالله تارڙ چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ بشريٰ بي بي ڪروڙين روپين جي تحفي جي قيمت گهٽ لڳرائي، تحفن جي قيمت گهٽ لڳرائي سرڪار کي گهٽ رقم ڏني وئي، اسٽيٽ کي ڪروڙين روپين جو نقصان پهچائي تحفا پنهنجي ذات لاءِ رکيا ويا. هن چيو ته پي ٽي آءِ عمران خان جي ٽوئيٽر اڪائونٽ تان فوج خلاف ٿيل تنقيد تي معافي وٺي ته ڳالهيون شروع ٿي سگهن ٿيون. وفاقي وزير ۽ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال چيو ته توشه خانه ٽو ڪيس اوپن اينڊ شٽ ڪيس، پاڪستان جي ايندڙ دورن ۾ اهو مثال قائم ٿي ويو آهي ته جنهن وٽ حڪمراني هجي اهو احتياط ڪري. مصطفيٰ ڪمال چيو ته اهي سموريون شيون بحيثيت قوم اسان جي لاءِ شرمندگي جو سبب آهن. جهڙي طرح بشريٰ بي بي جون آڊيو ۽ وڊيو آيون اهو تمام گهڻو واضح ڪيس هو اهو ڪم اڳوڻي وزيراعظم جي گهر ۾ ٿيو. جيڪڏهن انهي کي خبر نه هئي تڏهن به اهو ڏوهاري آهي. هن چيو ته اسان جو الميو اهو آهي ته اسان ڪردار کي نٿا ڏسون صرف تنقيد کي اوليت ڏيندا آهيون. انهي فيصلي کان پوءِ ايندڙ ڏينهن ۾ مثبت نتيجا سامهون ايندا.