لاهور (پنهنجي ڊيسڪ) نگران زويراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف کي چونڊ وڙهڻ جي مڪمل اجازت هوندي، اڃا تائين اهڙي ڪا ڳالهه سامهون ناهي آئي ته اليڪشن ڪميشن تحريڪ انصاف تي پابندي هنئي آهي
لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي انوار الهق ڪاڪڙ چيو ته ايندڙ اليڪشن ۾ تحريڪ انصاف کي اليڪشن وڙهڻ جي اجازت هوندي
هن چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين جي وفادارن کي به اليڪشن مهم هلائڻ ۽ ووٽ گھرڻ جي اجازت هوندي، جيڪڏهن اڃا به ڪو چوي ته ان کي ليول پليئنگ فيلڊ ناهي ملي ته اهو چوڻ جي به اجازت هوندي