پي ٽي آءِ مارچ: پنجاب ۾ ڪريڪ ڊائون، ٽڪيٽ هولڊر گرفتار

پي ٽي آءِ مارچ: پنجاب ۾ ڪريڪ ڊائون، ٽڪيٽ هولڊر گرفتار

لاهور (م ڊ) پي ٽي آءِ جي اسلام آباد مارچ کي نظر ۾ رکندي لاهور ۾ 600 کان وڌيڪ سرگرم ڪارڪنن کي گرفتار ڪرڻ جو فيصلوڪيو ويو آهي جن جون لسٽون تيار ڪيون ويون آهن، جڏهن ته سيالڪوٽ مان اڳوڻي ٽڪيٽ هولڊر کي گرفتار ڪيو ويو آهي. مليل اطلاعن موجب لاهور ۾ پي ٽي آءِ ڪارڪنن جي گهرن تي ڇاپا هڻڻ شروع ڪيا ويا آهن. پوليس ذريعن موجب پوليس پي ٽي آءِ جي 452 سرگرم ڪارڪنن جي گهرن تائين پهچي وئي آهي ۽ امن امان خراب نه ڪرڻ جون ضمانتون وٺڻ شروع ڪري ڇڏيون آهن. ڪيترائي ڪارڪن گرفتاري جي خوف کان روپوش ٿي ويا آهن. پوليس ذريعن موجب، صدر ڊويزن پوليس 122 ڪارڪنن جي گهرن تي وئي، پوليس ماڊل ٽائون ڊويزن ۾ 111 ڪارڪنن ۽ ڪينٽ ڊويزن ۾ 142 ڪارڪنن جي گهرن تي پهتي. پوليس ذريعن موجب سول لائنز ۾ 77 ڪارڪنن جا دروازا کڙڪايا ويا. پوليس جو چوڻ آهي ته امن امان کي خراب ڪندڙ کي گرفتار ڪيو ويندو. ٻئي طرف سيالڪوٽ ۾ اين اي 70 جي اڳوڻي ٽڪيٽ هولڊر مبشر مقصود اعواڻ کي پوليس ۽ سول ڪپڙن ۾ ماڻهن سندس گهر مان گرفتارڪيو. پي ٽي آءِ ان جي وڊيو جاري ڪندي چيو آهي ته مبشر اعواڻ کي اغوا ڪيو ويو، چار ديوارن ۽ پردي جي تقدس کي پائمال، گهر ۾ ڦرلٽ ڪئي ۽ خاندان تي سخت تشدد ڪيو ويو.