هالا (رپورٽ: اڪرم کوکر) پي ٽي آءِ مرڪزي اڳواڻ مخدوم فضل ۽ سندس پٽ مخدوم محسن سميت 7 ڄڻن مٿان ھالا ٿاڻي تي ڦر جو ڪيس داخل ڪيو ويو آھي
زميندار ممتاز علي ولد علي محمد ھنڱورو جي فرياد تي مخدوم فضل ۽ سندس پٽ مخدوم محسن ۽ ھڪ ويجھو دوست عمران تاج ميمڻ، نبي بخش ڇڇر، اڪرام ماڇي ۽ ٻه اڻ ڄاتل جوابدارن سميت 7 جوابدارن تي ھالا ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آھي
ايف آءِ آر ۾ فريادي زميندار ممتاز علي ولد علي محمد ھنڱورو ڄاڻايو آهي ته گذريل ڏينھن ڪرولا ڪار ۾ آئون ۽ منھنجا دوست عامر ڪاڪا ۽ غلام قادر ساند نيو سعيد آباد کان ھالا طرف اچي رھيا ھئاسون ته ھالا ڀرسان ڀنڀرا ڦاٽڪ وٽ 7 ڄڻن اسان جي ڪار کي روڪيو
ان ڪار ۾ سوار مخدوم فضل ۽ سندس پٽ مخدوم محسن، سندس ويجھو دوست عمران تاج ميمڻ، نبي بخش ڇڇر، اڪرام ماڇي ۽ 2 اڻ ڄاتل جوابدارن سميت 7 ڄڻن ھٿيارن جي زور تي اسان کان 5 لک 20 ھزار روڪ رقم، 2 لک 20 ھزار جو سونو هار، ھڪ لک رپين جي سوني منڊي ۽ ھڪ لک سٺ ھزار جي راڊو گھڙي ڦر ڪئي
زميندار ممتاز ولد علي محمد ھنڱورو جي فرياد تي سندن مٿان ھالا ٿاڻي تي مخدوم فضل سميت ست جوابدارن تي ڪيس داخل ڪيو ويو آھي