| پي ٽي آءِ مظاهري ۾ فيلڊ مارشل کي قتل جي ڌمڪي: فيصلائتي ڪارروائي ڪريو، پاڪستان جو برطانيا سان احتجاج، هاءِ ڪشمنر طلب |
اسلام آباد/لنڊن(بيورو رپورٽ/م ڊ) لنڊن ۾ پي ٽي آءِ جي مظاهري دوران فيلڊ مارشل عاصم منير کي قتل جي ڌمڪي ڏني وئي، اهڙي وڊيو پڻ وائرل ٿي وئي، پاڪستان حڪومت برطانيا سان سخت احتجاج ڪندي وقتي هاءِ ڪمشنر کي طلب ڪري ورتو، ڊيمارش پڻ جاري ڪيو ويو، پاڪستان حڪومت برطانيا کي خط ۾ چيو آهي ته برطانيا پنهنجي سرزمين تان پاڪستاني قيادت کي ملندڙ ڌمڪين جو نوٽيس وٺي، ملوث جوابدارن خلاف ڪيس هلايو، اسان وٽ ٻيا آپشن به آهن،پاڪستان برطانيا ۾ تازين سرگرمين تي سخت احتجاج ڪندي برطانوي هاءِ ڪميشن کي ڊيمارش جاري ڪري ڇڏيو، پرڏيهي ترجمان جي برطانيا جي وقتي هيڊ آف مشن کي ڊمارش جي تصديق ڪئي، طاهر حسين اندرابي جو چوڻ آهي ته برطانوي وقتي هيڊ آف مشن کي پرڏيهي آفيس طلب ڪري برطانيا ۾ پيش آيل معاملو اٿاريو ويو، ڊيمارش برطانوي شهر بريڊ فورڊ ۾ پاڪستاني قونصليت ٻاهران ڪيل احتجاج تي جاري ڪيو ويو، ذريعن جو چوڻ آهي ته هڪ سياسي جماعت جي آفيشل اڪائونٽ کي برطانيا ۾ مظاهرين جمع ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو ويو، مظاهرين چيف آف ڊفينس فورسز خلاف چڙ ڏياريندڙ ۽ اعتراض جوڳي ٻولي استعمال ڪئي، احتجاج دوران فيلڊ مارشل کي قتل جون ڌمڪيون ڏنيون ويون ۽ چيو ويو ته کيس هڪ ڪار بم ڌماڪي ۾ اڏايو ويندو، پاڪستان برطانيا جي سرزمين تان ڌمڪين جو سخت نوٽيس ورتو ۽ زور ڏنو ته برطانيا پنهنجي سرزمين کي پاڪستان کي غير مستحڪم ڪرڻ لاءِ استعمال نه ٿيڻ ڏئي، پاڪستان اميد ظاهر ٿو ڪري ته برطانيا اهڙن شرپسند عنصرن خلاف سخت ڪارروائي ڪندو ۽ قانون موجب قدم کڻندو..