پي ٽي آءِ ملڪ دشمن قرار ، ڍر نه ڏينداسين، جيڪو ڊي چوڪ ايندو گرفتار ٿيندو: حڪومت پاران ڀرپور ڪارروائي جو اعلان

نومبر 25, 2024

اسلام آباد(بيورو رپورٽ + مانيٽرنگ ڊيسڪ) حڪومتي وزيرن پي ٽي آءِ کي ملڪ دشمن قرار  ڏيندي احتجاج خلاف ڀرپور ڪارروائي جو اعلان ڪندي چيو آهي ته  ڏڦيڙ کان بچڻ لاءِ ڪجهه ڪيو ته غلط ناهي، هنن  کي ڍر نه ڏينداسين. ان ڏس ۾ پي ٽي آئي احتجاج بابت ڳالهائيندي نائب وزير اعظم اسحاق ڊار ۽ گهرو وزير محسن نقوي پي aٽي آئي کي ملڪ دشمن قرار ڏيندي احتجاج لاءِ ايندڙ خلاف ڀرپور ڪاروائي ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. ان ڏس ۾ گهرو وزير محسن نقوي سڪيورٽي انتظامن تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي حڪم موجب امن امان کي يقيني بڻائڻ لاءِ ضروري قدم کنيا ويا آهن. پوليس ايف سي، رينجرز جا آفيسر ۽ جوان دليري سان پنهنجا فرض سرانجام ڏئي رهيا آهن. حڪومت عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ هر ممڪن قدم کنيا آهن. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو ته شرپسندن سان قانون موجب سختي سان منهن ڏنو ويندو. راڄڌاني ۾ امن امان جي صورتحال خراب ڪرڻ جي ڪنهن کي به اجازت نه ڏني ويندي. انتظاميه، پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا هر ممڪن صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهن.  ٻئي طرف نائب وزيراعظم اسحاق ڊار موجوده صورتحال متعلق ڳالهائيندي چيو آهي ته سياسي احتجاج يا ملڪ جي عزت ۽ وقار سان هڪ سازش ۽ راند کيڏي پئي وڃي. جڏهن به اهم عالمي شخصيتون پاڪستان جي دوري تي اچي رهيون هجن ٿيون ته تحريڪ انصاف بار بار احتجاج جو سڏ ڇو ڏئي رهي آهي، 14 آڪٽوبر تي چيني وزيراعظم جو دورو هجي يا 15 آڪٽوبر تي ايس سي او سربراهه اجلاس لاءِ ملڪن جي سربراهن جي آمد هي هڪ سازش تحت احتجاج جو سڏ ڏيندا آهن. بيلاروس جي صدر جو دورو اڄ شروع ٿيندو، جنهن لاءِ سندس وزير ۽ اهم واپاري اڄ اسلام آباد پهچي ويا آهن. خدا جي واسطي پاڪستان کي پنهنجي گندي سياست تي اهيمت  ڏيو. هوڏانهن سينيٽر طلال چوڌري چيو آهي ته پي ٽي آءِ جو سياسي رويو ئي ناهي. ڇويهين ترميم ئي  ڏسي وٺو. هي ڪميٽي ۾ شامل هئا پر پوءِ به مخالف ٿي ويا. مولانا فضل الرحمان ڇويهين ترميم ۾ انهن لاءِ اهو ڪجهه مڃرايو جيڪو هي نه ٿي ڪري سگهيا.  هن چيو ته ڏڦيڙ کان بچڻ لاءِ ڪجهه ڪيو آهي ته غلط ناهي. اسان انهن کي ڍر نه ڏينداسين، انهن کي ڪاميابي نه ملندي. هي بي اعتمادي ذريعي نڪتا هئا،هر ڪم ۾ ناڪام ويا آهن. هي 26هين ترميم ۾ به ناڪام ويا آهن. هي سوچيندا هئا ته اسلام آباد بند ڪري حڪومت کي مجبور ڪنداسين ته هڪ سزا مليل ڏوهاري کي ڇڏي ڏئي. ايئن نه ٿيندو. طلال چوڌري وڌيڪ چيو ته سوال ته اهو به آهي ته ڪرم ۾ جيڪو واقعو آهي اتان جي حڪومت لاءِ اهو ضروري آهي يا لانگ مارچ ڪرڻ ضروري آهي. سياست لاءِ سياسي رويو هجڻ گھرجي، هنن جو رويو سياسي ناهي. ڪا سياسي  پارٽي هنن سان گڏ ناهي، هنن جا پنهنجا ماڻهو هنن سان متفق نه آهن. ٻئي پاسي  سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ جو وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۾ مختلف هنڌن جي دوري جي موقعي تي ڳالهائيندي چيو آهي ته روڊ بلاڪ ٿيڻ جي ذميوار صرف پي ٽي آءِ آهي جيڪو به هتي ايندو ان کي گرفتار ڪري ان خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. ڪنهن کي به قانون هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، تحريڪ انصاف جا ماڻهو رضاڪارانه طور گرفتاريون ڏئي رهيا آهن، امن کي خراب ڪرڻ جي ڪنهن کي به اجازت نه ڏني ويندي. پي ٽي آءِ اين آر او چاهي ٿي، سندن هڪ ئي مطالبو آهي ته اسان سان ڊيل ڪئي وڃي، اسان جي ليڊر کي آزاد ڪيو وڃي. تحريڪ انصاف پنهنجي قائد جي آزادي لاءِ عدالت سان رجوع ڪري. هن چيو ته حڪومتي قدمن جي ڪري ملڪ جي معيشت صحيح رخ ۾ هلي رهي آهي، پاليسي جي شرح ۽ افراط زر هيٺ اچي رهيا آهن، فساد پکيڙيندڙن کي گرفتار ڪيو ويندو. اطلاعات واري وزير چيو ته پي ٽي آءِ کي ملڪ جي ترقي هضم نه ٿي رهي آهي، پي ٽي آءِ 9 مئي تي حساس ادارن تي حملو ڪيو، امن امان برقرار رکڻ اسان جي ذميواري آهي، پي ٽي آءِ انتشار جو شڪار آهي. اطلاعات واري وزير چيو ته اسان پرعزم آهيون ۽ پراميد آهيون ته وفاقي راڄڌاني ۾ صورتحال پرامن رهندي، بيلاروس جي وفد جو استقبال ڪيو ويندو، ڪرم ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو، اتي اڄ به احتجاج ٿيا، اتي وڃي صورتحال تي ضابطو آندو وڃي. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي ڪوشش آهي ته معيشت کي ڊي ريل ڪيو وڃي.

Leave A Comment