| پي ٽي آءِ ميمبر عمران جون تصويرون کڻي ايوان پهچي ويا، سخت احتجاج، اسپيڪر جو گهيرو |
اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ پي ٽي آء ميمبرن پاران عمران خان جون تصويرون کڻي احتجاج , عمران خان جي حق ۾ نعري بازي , اسپيڪر جي ڊائيس جو گهيراء , تحريڪ انصاف هڪ ڀيرو ٻيهر اسپيڪر قومي اسيمبلي کان پي ٽي آء ۽ حڪومت وچم ڳالهين ذريعي مسئلو حل ڪرائڻ لاء ڪردار ادا ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو , اسپيڪر قومي اسيمبلي ٻيهر ڳالهيون شروع ڪرائڻ لاء ڪردار ادا ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو تفصيل موجب ڪالھ قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر سردار اياز صادق جي صدارت ۾ ٿيو اجلاس ۾ پي ٽي آء ميمبر ايوان ۾ عمران خان جون تصويرون کڻي ايوان ۾ نعره هڻندا داخل ٿيا , پي ٽي آء جي حمايت سان ڪامياب ٿيل قومي اسيمبلي ميمبرن عمران خان جون تصويرون پهنجي سيٽن تي آويزان ڪري سيٽن تي بيهي احتجاج شروع ڪيو ڪجھ دير بعد ميمبرن سيٽن تان اٿي اسپيڪر جي ڊائيس سامهون گڏ ٿي احتجاج ڪيو جنهن دوران پي ٽي آء ميمبر ڪير بچائيندو پاڪستان عمران خان عمران خان , وزير اعظم عمران خان , آزاد ڪريو آزاد ڪريو عمران کي آزاد ڪريو جا نعرا لڳائيندا رهيا ايوان ۾ احتجاج , گوڙ ۽ نعري بازي سبب اسپيڪر ۽ وزيرن توڙي حڪومتي ميمبرن کي ڪنن ۾ هيڊ فون هڻي ڪاروائي ٻڌڻي پئي