پي ٽي آءِ وارا عمران جي بيانيي سان لاتعلقي ڪن ته ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تيار آهيون: وفاقي سرڪار

  پي ٽي آءِ وارا عمران جي بيانيي سان لاتعلقي ڪن ته ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تيار آهيون: وفاقي سرڪار

اسلام آباد/لاهور (بيورو رپورٽ+م ڊ) وفاقي حڪومت پاڪستان تحريڪ انصاف کي ڳالهين جي آڇ ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن پي ٽي آءِ وارا عمران جي بيانيي سان لاتعلقي ڪن ته ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. وفاقي وزير اطلاعات عطا تارڙ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته ڪي پي جو وڏو وزير اڊيالا آيو ته پهرين ناڪي تان ئي واپس ڪيو ويندو، عمران خان جون ڀينرون آيون ته گرفتار به ٿي سگهن ٿيون. هن چيو ته باني پي ٽي آءِ  سان ملاقات جي اجازت نه ڏني ويندي، ڪنهنکي به  اڊيالا جيل ٻاهران ميڙ ۽ ملڪ کي داءُ تي لڳائڻ نه ڏينداسين . هن چيو ته ڪوڙ ۽ منافقت تحريڪ انتشار جي عادت بڻجي چڪو آهي. ڊي جي آءِ ايس پي آر صحيح چيو آهي ته هي انتشاري روزانو فوج ۽ قوم جي وچ ۾ اختلاف وڌائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. انهن کي آئينو ڏيکاريو ويو آهي ته شخصيت پرستي ۽ سياسي مفادن خاطر اهي ملڪ کي تباهه ڪرڻ چاهين ٿا۔ ٻئي طرف وفاقي وزير اطلاعات عطاالله تارڙ لاهور ۾ عوامي اجتماع کي خطاب ڪندي چيو ته مسلم ليگ (ن) جي قيادت هميشه عوامي خدمت ۾ مصروف رهي آهي، اسان جيڪي واعدا عوام سان ڪيا هئا، اڄ پورا ٿي رهيا آهن، اسان اڳ به عوام ۾ هئاسين ۽ اڄ به عوام ۾ آهيون، تڪن ۾ بُنيادي سهولتن جا منصوبا مڪمل ڪيا پيا وڃن،  هن چيو ته خيبر پختونخواهه ۾ هڪ جماعت ساڍا 12 سال کان حڪومت ۾ آهي، پر صوبي ۾ هڪ به ترقياتي ڪم ناهي ڪري سگهي. صوبائي حڪومت خيبر پختونخواهه کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. تحريڪ انصاف جي حڪومت پنهنجي ئي صوبي ۾ هڪ اسپتال به نه ٺاهي سگهي، هن چيو ته تحريڪ انصاف جي بزدل حڪومت ڀارت خلاف ڪا به آواز نه اٿاري. پي ٽي آءِ جي دور حڪومت ۾ ڪشمير ۽ فلسطين جا مسئلا پٺتي ڌڪيا ويا. پي ٽي آءِ جا سوشل ميڊيا اڪائونٽس رياستي ادارن خلاف گمراهه ڪندڙ پروپيگنڊا ۾ ملوث آهن.