اسلام آباد(بيورو رپورٽ) بچاءُ واري وزير وزير خواجا آصف چيو آهي ته پي ٽي آءِ وارا پروپگئنڊا تحت ٻين ملڪن سان لاڳاپا خراب ڪرڻ گهرن ٿا، ساڻن ملڪ دشمنن جهڙو ورتاءُ ٿيڻ گهرجي
بچاءَ واري وزير نالو کڻن بنا شير افضل مروت جي بيان تي تنقيد ڪندي چيو ته ڪجهه ملڪن سان لاڳاپا مذهبي ۽ معاشي لحاظ کان گهڻي اهميت رکن ٿا، ناپاڪ ارادن ۽ انارڪي لاءِ اهڙا بيان ڏنا ويندا آهن ته جيئن ڪو سيڙپڪاري لاءِ نه اچي
هن چيو ته اها ملڪ سان دشمني آهي، پي ٽي آءِ وارن کي محسوس ٿي رهيو آهي ته سندن سياست بند گهٽي ۾ داخل ٿي چڪي آهي، انڪري ملڪ ۾ انارڪي چاهين ٿا، ساڻن ملڪن دشمنن جهڙو ورتاءُ ٿيڻ گهرجي