پي ٽي آءِ  وٽ ماڻهو گهٽ آهن ته اسان پهچايون: ناصر شاهه

پي ٽي آءِ  وٽ ماڻهو گهٽ آهن ته اسان پهچايون: ناصر شاهه

 ڪراچي: مڪاني ادارن واري وزير ناصر شاهه چيو آهي ته  پي ٽي آءِ وٽ ماڻهو گهٽ آهن ته اسان پهچائينداسين، کين ڪنٽرينر ۽ ڪرسيون به گهرجن ته پهچايا ويندا، ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته پي ٽي آءِ کي جلسي جي اجازت ڏيڻ ۾ 2-3 ڪلاڪ دير ٿي هئي، اهي اڄ جلسو ڪن يا پي ٽي آءِ جلسي لاءِ ڀلي هڪ ڏينهن به وڌائَي، اسان ماڻهو ڏينداسين، هوڏانهن ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهّاب چيو ته ڪي پي جو وزيراعليٰ سهيل آفريدي سياست لاءِ آيو آهي ته اسان تيار آهيون، پر جيڪڏهن پروپيگنڊا يا شهر کي مفلوج ڪرڻ لاءِ آيو آهي ته اهو غلط عمل آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت کيس سيڪيورٽي فراهم ڪئي وئي آهي