پي ٽي آءِ پاران اڄ ڳالهين ۾ اچڻ کان انڪار: اهو غير جمهوري رويو آهي، ڇڪتاڻ پيدا ٿيندي: وزيراعظم
جنوري 28, 2025
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق حڪومت ۽ پي ٽي آءِ ۾ ڳالهين جي چوٿين دور لاءِ اجلاس اڄ طلب ڪيو آهي. پي ٽي آءِ جي مذاڪراتي ڪاميٽي حڪومت سان ڳالهين جي چوٿين دور ۾ ويهڻ کان ٻيهر انڪار ڪري ڇڏيو، اسپيڪر اياز صادق جي سيڪريٽري کي فيصلي کان آگاهه ڪري ڇڏيو، پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو آهي ته عدالتي ڪميشن لاءِ 7 ڏينهن جو وقت ڏنو، پر اُن تي عمل نه ٿيو، حڪومت سان ڳالهين ۾ نه ويهنداسين، اسد قيصر چيو ته جيڪا حڪومت باني سان ملاقات نٿي ڪرائي سگهي، اُن مان ڪهڙي اُميد رکون؟ هوڏانهن حڪومتي ڪاميٽي جي ترجمان عرفان صديقي چيو آهي ته پي ٽي آءِ وارن ڳالهين کي چوڪ تي آندو آهي، پي ٽي آءِ اجلاس ۾ شرڪت نه ڪندي ته اسپيڪر ڪاميٽي ٽوڙي ڇڏيندو، جڏهن اهو عمل ختم ٿي ويندو ته حڪومتي ڪاميٽي به ٽٽي ويندي، ڳالهيون جاري نه رهنديون ته مذاڪراتي ڪاميٽي ڪهڙو ڪم ڪندي؟ اُن کانپوءِ پي ٽي آءِ وارا جيڪو ڪجهه ٻاهر ڪندا، حڪومت اُن تي ردعمل ڏيندي، عرفان چيو ته گڏيل پڌرائي ۾ 7 ورڪنگ ڊيز لکيل آهي، ٽن اجلاسن ۾ هُنن هڪ دفعو به نه چيو ته 7 ڏينهن ۾ مطالبا نه مڃيا ته ڳالهين کان ڌار ٿي ويندا.
اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته سياسي پارٽين وچ ۾ رابطو ۽ ڳالهيون جمهوريت جو روح آهن. اهي رابطا ملڪ ۽ قوم کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ گڏيل لائحه عمل جوڙڻ ۾ مدد ڏين ٿا. ڳالهين کان پاسو ڪرڻ هڪ غير جمهوري رويو آهي جيڪو ڇڪتاڻ جو ماحول پيدا ڪري ٿو ۽ قومي اتحاد جي فضا کي به نقصان پهچائي ٿو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان کي ڇڪتاڻ، ٽڪراءُ جي نه پر مفاهمت ۽ هم آهنگي جي ضرورت آهي، ان ڪري قومي معيشت جي تعمير ۽ دهشتگردي جي خاتمي جهڙن معاملن تي گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪري سگهجي ٿي. هن اها ڳالهه مسلم ليگ (ن) جي سينيئر اڳواڻ عرفان صديقي سان ڳالهائيندي ڪئي. سينيٽر عرفان صديقي وزيراعظم هائوس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته الله جي فضل ۽ ڪرم سان ملڪ ترقي ڪري رهيو آهي ۽ عالمي سطح تي ان جو وقار پڻ وڌي رهيو آهي. ڪنهن کي به غير جمهوري روين سان تعمير ۽ ترقي جي عمل ۾ رڪاوٽ وجهڻ نه ڏينداسين. سينيٽر عرفان صديقي وزيراعظم کي پي ٽي آءِ ڪاميٽي سان ٿيل ڳالهين جي تفصيلن کان آگاهه ڪيو.