پي ٽي آءِ پاران حڪومت سان ڳالهين لاءِ عمران سان ملاقات جو شرط

پي ٽي آءِ پاران حڪومت سان ڳالهين لاءِ عمران سان ملاقات جو شرط

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) تحرڪ انصاف جي ترجمان شيخ وقاص اڪرم چيو آهي ته ملڪ جو مجموعي قرض 138 ارب ڊالر تائين پهچي چڪو آهي، عام عوام مقروض آهي ۽ حڪمرانن لگزري جهاز خريد ڪري رهيا آهن. هن چيو ته حڪومت سان ڪنهن به قسم جي ڳالهين کي عمران خان سان ملاقات سان مشروط ڪيو ويو آهي. قوم عمران خان جي صحت بابت سخت ڳڻتي ۾ مبتلا آهي ۽ سندن ملاقات فوري طور ڪرائي وڃي. هن چيو ته ايران تي حملي جي معاملي ۾ حڪومت آمريڪا ۽ اسرائيل جو نالو کڻڻ کان ڇو گهٻرائي رهي آهي، جڏهن ته تحريڪ انصاف واضح لفظن ۾ ٻنهي ملڪن جي حملي جي مذمت ڪئي آهي. پاڪستان کي فوري طور بورڊ آف پيس مان الڳ ٿيڻ گهرجي ۽ قومي سلامتي جي معاملن ۾ پاڪستان هميشه پهرين ترجيح آهي.