پي ٽي آءِ پاران عمران جي گرفتاري خلاف ملڪ گير احتجاج جو سڏ

آگسٽ 5, 2023

لاهور(پنهنجي ڊيسڪ) پي ٽي آءِ عمران خان جي سزا وارو فيصلو بدترين عدالتي انجنيئرنگ قرار ڏئي ڇڏيو آهي جڏهن ته فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ وڃڻ جو پڻ اعلان ڪيو ويو آهي

پاڪستان تحريڪ انصاف جي ترجمان اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن عدالت جي جج همايون دلاور پاران پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي 3 سال سزا ڏيڻ واري فيصلي تي رد عمل ڏيندي چيو ته پي ٽي آءِ کي سياسي انتقام جو نشانو بڻايو ويو آهي

سندس چوڻ هو ته جج همايون دلاور جو رويو پهرين ڏينهن کان تعصباڻو رهيو ، بدترين عدالتي انجينئرنگ ڪري فيصلو جاري ڪيو جنهن ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين کي ٻڌو به نه ويو

ترجمان چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڪيل کي دليل ڏيڻ جو به موقعو نه ڏنو اهو ڪٿان جو انصاف آهي فيصلي خلاف اعليٰ عدليه جو در کڙڪايو ويندو

ٻئي طرف تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي پي ٽي آءِ چيئرمين جي گرفتاريءَ خلاف ملڪ گير احتجاج جو سڏ ڏئي ڇڏيو

 شاهه محمود قريشيءَ جي صدارت هيٺ پارٽي جي اجلاس ۾ اسد عمر ۽ ٻيا اڳواڻ شريڪ ٿيا، پي ٽي آءِ چيئرمين جي گرفتاري کانپوءِ واري صورتحال ۽ سزا خلاف اپيل بابت مشاورت ڪئي وئي

 شاهه محمود قريشي موجب اسلام آباد سيشن ڪورٽ جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪرائي ويندي، عوام گهرن ۾ ويهڻ بدران رستن تي نڪري اچي، عوام حقيقي آزادي چاهي ٿو ته گهرن مان نڪري اچي

Leave A Comment