اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ پاران قومي اسيمبلي ۾ اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ وڙهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، عامر ڊوگر ۽ جنيد خان اميدوار نامزد ڪيا ويا
پي ٽي آءِ پاران وزيراعظم لاءِ نامزد اميدوار عمر ايوب اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته قومي اسيمبلي جو 29 فيبروري تي سڏايل اجلاس غير آئيني آهي تنهن هوندي به پي ٽي آءِ اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر لاءِ ميدان خالي نه ڇڏيندي
سندس چوڻ هو ته سني اتحاد ڪائونسل جي پليٽ فارم تان پي ٽي آءِ پاران قومي اسيمبلي جي اسپيڪر لاءِ عامر ڊوگر ۽ ڊپٽي اسپيڪر لاءِ جنيد خان کي نامزد ڪيو ويو آهي
عمر ايوب چيو ته پي ٽي آءِ باني اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي نالن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جڏهن ته پي ٽي آءِ پاران ڌانڌلين خلاف 2 مارچ تي ملڪ گير احتجاج پڻ ڪيو ويندو