ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان تحريڪ انصاف ميئر ڪراچي جي چونڊن ۾ جماعت اسلامي جي حافظ نعيم الرحمان کي سپورٽ ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي پي ٽي آءِ ترجمان جو چوڻ آهي ته تحريڪ انصاف ميئر ڪراچي جي چونڊن ۾ جماعت اسلامي جي اميدوار کي سپورٽ ڪندي
پي ٽي آءِ ترجمان چيو ته پ پ ميئر ڪراچي لاءِ چونڊ کان اڳ ڌانڌلي ڪري رهي آهي مڪاني چونڊن ۾ چونڊيل نمائندن کي پوليس ذريعي اغوا ڪرايو پيو وڃي حلف برادري کان اڳ نمائندن کي اغوا ڪيو پيو وڃي پي ٽي آءِ ان معاملي تي عدالت سان به رابطو ڪندي
پي ٽي آءِ ترجمان چيو ته ميئر جي چونڊ شفاف طريقي سان ٿيڻ گهرجي پيپلزپارٽي ۽ ايم ڪيو ايم عوامي مينڊينٽ قبول ڪرڻ نٿيون چاهن هوڏانهن پ پ قيادت ميئر ڪراچي لاءِ مرتضيٰ وهاب جي نالي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي