پي ٽي آءِ پاران وفاق ۽ پنجاب ۾ ايم ڊبليو ايم ۽ ڪي پي ۾ جماعت اسلامي سان گڏجي حڪومتون ٺاهڻ جو اعلان: گنڊاپوري وڏو وزير نامزد

فيبروري 13, 2024

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) تحريڪ انصاف وفاق ۽ پنجاب ۾ ايم ڊبليو ايم ۽ خيبر پختونخواهه ۾ جماعت اسلامي سان گڏجي حڪومتون ٺاهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

پي ٽي آءِ جي ترجمان رئوف حسن جو چوڻ آهي ته پارٽي وفاق ۽ پنجاب ۾  متحده وحد المسلمين سان گڏجي حڪومتون ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو آهي جڏهن ته خيبر پختونخواهه ۾ جماعت اسلامي سان گڏجي حڪومت ٺاهي ويندي

سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ پاران خيبر پختونخواهه ۾ علي امين گنڊاپور کي وڏو وزير نامزد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو  آهي، پي ٽي آءِ باني اڊيالا جيل ۾ بئرسٽر گوهر سان ملاقات دوران علي امين گنڊاپور کي نامزد ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

ان حوالي سان پي ٽي آءِ اڳواڻن بئرسٽر گوهر ۽  علي ظفر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مسلم ليگ نواز، پيپلزپارٽي ۽ ايم ڪيو ايم پاڪستان سان ڪا به ڳالهه ٻولهه نه ٿيندي، حڪومت ٺاهڻ لاءِ ننڍين جماعتن سان ڳالهيون ڪيون وينديون

هنن چيو ته چونڊن ۾ پي ٽي آءِ اڪثريت سان کٽي چڪي آهي، اسان جون وفاق ۾ 180 سيٽون آهن جيڪي ڌانڌلي ڪري مسلم ليگ ن ۽ ايم ڪيو ايم کي ڏنيون ويون آهن

بيريسٽر گوهر چيو ته باني چيئرمين خيبر پختونخواهه لاءِ علي امين گنڊاپوري کي وڏو وزير نامزد ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي جڏهن ته پنجاب ۾ به جلد وڏي وزير جي نالي جو اعلان ڪيو ويندو

Leave A Comment