پي ٽي آءِ پاران وفاق ۽ پنجاب ۾ اپوزيشن ۾ ويهڻ جو فيصلو
فيبروري 17, 2024
پي ٽي آءِ پاران وفاق ۽ پنجاب ۾ اپوزيشن ۾ ويهڻ جو فيصلو، پي ٽي آءِ وفد جون جي يو آءِ، پ پ شيرپائو گروپ، قومي وطن پارٽي ۽ جماعت اسلامي جي قيادت سان ملاقاتون، چونڊن ۾ مبينا ڌانڌلي ۽ سياسي صورتحال تي ڳالهيون، پي ٽي آءِ اڳواڻ بئريسٽر سيف چيو آهي ته فارم 45 ثبوت آهي ته اسان جي اُميدوارن کٽيو هو، پر فارم 47 ۾ نتيجا تبديل ڪيا ويا، جي يو آءِ ۽ جماعت اسلامي به احتجاج جو اعلان ڪيو آهي، هر پنج سالن بعد تڪراري چونڊون ٿينديون آهن، چونڊن جو اصل مقصد ختم ٿي ويو آهي، پي ٽي آءِ باني جي هدايت تي سياسي پارٽين سان رابطا ڪري رهيا آهيون، سندس هدايت تي ئي مرڪز ۽ پنجاب ۾ اپوزيشن ۾ ويهڻ جو فيصلو ڪيو اٿئون