| پي ٽي آءِ پاران گنڊاپور جي بيانن جو نوٽيس، ڪارروائي جو فيصلو |
اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف اڳوڻي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي بيانن جو سخت نوٽيس وٺندي سخت ڪارروائي جو فيصلو ڪري ورتو، ذريعن موجب پي ٽي آءِ جي مرڪزي قيادت طرفان علي امين جي سمورن انٽرويوز ۽ بيانن جا تفصيل پڻ گهري ورتا، وڊيوز ۽ بيانن جو جائزو وٺڻ کانپوءِ علي امين خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. پي ٽي آءِ چيئرمين بيرسٽر گوهر جو چوڻ آهي ته باني پي ٽي آءِ جي گهروارن بابت ڪو به بيان برداشت نه ڪيو ويندو.