ڪراچي: پي ٽي آءَ سنڌ جي صدر حليم عادل شيخ چيو آهي ته 15 مئي تي ميئر ۽ ڊپٽي ميئر جي اليڪشن دوران جيڪي ڪجهه ٿيو، اھو سٺو نه ٿيو آهي
سندس چوڻ هو ته اسان جماعتي اميدوار حافظ نعيم کي ووٽ نه ڏيندڙ 32 يوسي چيئرمينن کي شوڪاز جاري ڪري 3 ڏينهن ۾ جواب طلب ڪيو آهي
پنهنجي وڊيو بيان ۾ ھن چيو ته پي ٽي آءِ جي حمايتي اميدوار حافظ نعيم کي 193 ووٽ ملڻا ھئا پر اھو ھارائي ويو
هن چيوته 32 باغي يوسي چيئرمين حافظ نعيم کي ووٽ نه ڏيڻ بابت مطمئن نه ڪري سگهيا ته سندن خلاف قانوني ڪارروائي ڪرائي کين ڊي سيٽ ڪرايو ويندو
هن چيو ته جيڪي ماڻهو پارٽي سان گڏ نٿا بيھن، انهن کي پارٽي مان ڪڍيو ويندو