| پي ٽي آءِ پنهنجي قيادت کي تربيت ڏي ته جيئن ڳالهين ذريعي حل نڪري سگهي: وفاقي سرڪار |
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي ته پي ٽي آءِ کي پنهنجي قيادت کي تربيت ڏيڻ جي ضرورت آهي، ته جيئن ڳالهين ذريعي حل نڪري سگهي. پي ٽي آءِ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ذريعي به ڳالهيون ڪري سگهي ٿي. آزاد ڪشمير ۾ جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي سان به ڳالهيون ڪيون ويون، وزير اعظم جي هدايت سان مسئلو حل ڪيو ويو. هن چيو ته وزير اعظم سمورن وفاقي وزيرن کي پنهنجي ڪارڪردگي رپورٽ وزير اعظم ۽ ميڊيا آڏو پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.پاڪستان ۾ بهتر نظام لاءِ ڪيل ڪوششن ۾ ڪامياب رهيا آهيون. هن وقت ملڪ اندر سرمايه ڪاري تيزي سان اچي رهي آهي. پاور ۽ انرجي سيڪٽر سميت ٻين شعبن ۾ ٻاهران سٺو ڪم اچي رهيو آهي. انهن مثبت ڪمن متعلق عوام کي آگاهه ڪيو ويندو. ان عمل ۾ خود احتسابي وارو عمل به سامهون ايندو. 2025 ۾ وزارت بهترين ڪارڪردگي ڏيکاري، پ پ سميت اتحادي جماعتن جو پڻ ساٿ رهيو، هن چيو ته وزير اعظم ۽ پاڪستان جو هر شهري ڪشمير ڪاز لاءِ پرعزم آهي. ڪشمير جا مسئلا پاڪستان جي ترجيحن ۾ اوليت رکن ٿا ۽ هر ممڪن سطح تي مدد ڪئي ويندي. هن چيو ته وزير اعظم کي سڄي پاڪستان کان شڪايتون ملنديون آهن، سمورين شڪايتن لاءِ وزير اعظم سيل موجود آهي، هي ونگ پاڪستان جي هر حصي کان شڪايتون وصول ڪري ٿو. آفيسر شڪايتن جي حل تائين خاموش ناهن ويهندا. وزير اعظم شڪايت سيل ۾ درخواست ڏيڻ آسان آهي، هن نمبر 111555554 شڪايتون نوٽ ڪرائي سگهجن ٿيون. شڪايت ڏيندڙ کي مسلسل اپڊيٽ ڏني ويندي آهي. سڀ کان وڌيڪ شڪايتون پوليس ڊپارٽمينٽ جي خلاف ملن ٿيون، جن مان 93 سيڪڙو شڪايتون حل ڪيون ويون آهن، پر ڪڏهن ڪڏهن ڪيس داخل نٿو ٿئي يا ڪارروائي نه ٿئي. وزير اعظم شڪايت سيل ۾ هر وقت عملو موجود هوندو آهي جيڪو شهري کي ريسپانس فراهم ڪري ٿو.