پي ٽي آءِ چيئرمين اڃا به منهنجو ليڊر آهي، پَڪ ناهي جنوري جي آخر ۾ چونڊون ٿينديون، سپريم ڪورٽ ئي مناسب فيصلو ڏيندي: صدر علوي

آڪٽوبر 25, 2023

اسلام آباد(پنهنجي ڊيسڪ) صدر عارف علوي چيو آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين اڃا به منهنجو ليڊر آهي، پَڪ ناهي ته جنوري جي آخر ۾ عام چونڊون ٿينديون، سُپريم ڪورٽ اِن معاملي کي کنيو آهي، اُها ئي مناسب فيصلو ڏيندي

خانگي ٽي وي جي پرگرام ۾ ڳالهائيندي صدر عارف علوي چيو ته چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خلاف ريفرنس مون نه اُماڻيو هو، ريفرنس وزيراعظم هائوس مان آيو، بعد ۾ وزيراعظم ٻڌايو ته هُن به ريفرنس اُماڻڻ نه پئي گهريو

سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ چيئرمين کان پُڇو ته کيس ريفرنس اُماڻڻ لاءِ ڪنهن چيو هو، اهو ئي ان معاملي ۾ صحيح جواب ڏئي سگهي ٿو

هن چيو ته جيڪڏهن ايوان صدر ۾ هجان ها ۽ حج تي ويل نه هجان ها ته اليڪشن ايڪٽ 2017ع ۾ ترميم تي صحيح نه ڪريان ها، هن چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين اڃا به منهنجو ليڊر آهي، جيڪو بيانيو عمران خان عوام کي ڏنو هو اهوئي بيانيو نواز شريف جي حوالي ڪيو ويو آهي

Leave A Comment