پي ٽي آءِ چيئرمين جي گرفتاري سياسي ناهي: حڪومت جو رد عمل

آگسٽ 5, 2023

اسلام آباد(پنهنجي ڊيسڪ) حڪومت پنهنجي رد عمل ۾ چيو آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين جي گرفتاري سياسي نه آهي، گرفتاري حڪومت جي حڪم تي نه پر عدالتي حڪم تي ٿي آهي

اسلام آباد جي عدالت پاران عمران خان کي ڏنل سزا واري فيصلي بعد  وفاقي وزير مريم اورنگزيب پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته توشه خانه ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين لاڳيتو ڀڄندو رهيو، وارنٽ کڻي ويندڙن تي حملا ڪيا ويندا هئا

هن چيو ته اهو بيانيو گهڙڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته عدالتي فيصلو سياسي انتقام آهي، پي ٽي آءِ چيئرمين کي فارين فنڊنگ ۽ هڪ سئو ملين پائونڊز واري ڪيس ۾ به سزا ملي سگهي ٿي

Leave A Comment