اسلام آباد(پنهنجي ڊيسڪ)اسلام آباد جي عدالت پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف توشه خانه ڪيس ٻڌڻ جوڳو قرار ڏئي ڇڏيو ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج همايون دلاور محفوظ فيصلو ٻڌائي ڇڏيو
ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج همايون دلاور جي عدالت ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف توشا خانا ڪيس ٻڌڻ جوڳو هئڻ يا نه هئڻ بابت درخواست تي ٻڌڻي ڪئي
جج همايون دلاور پي ٽي آءِ چيئرمين جو وڪيل پيش نه ٿيڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، جج رمارڪس ۾ چيو ته اسان پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڪيل کي وقت ڏنو پر هن دليل نه ڏنا، هاڻي منهنجي فيصلي جو انتظار ڪيو
ان کان اڳ جج همايون دلاور پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڪيل گوهر کي مخاطب ٿي چيو ته توشه خانه ڪيس ۾ عدالت توهان سان انتهائي نرم رويو اختيار ڪيو آهي، اهڙي نرم رويي جو ڪٿي مثال ئي نه ٿو ملي،
عدالت چيو ته گذريل ٽن ڏينهن دوران خواجا حارث هڪ ڀيرو به پيش نه ٿيو آهي، عدالت جي نرم رويي جو ناجائز فائدو ورتو ويو آهي، اڄ توهان دليل نه ڏنا ته پوءِ اليڪشن ڪميشن جي وڪيل کي ٻڌي فيصلو ڏئي ڇڏيندس