اسلام آباد (پنهنجي ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ توشا خانه ڪيس ۾ سزا معطل ڪرڻ واري پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي درخواست تي ٻڌڻي سومر تائين ملتوي ڪري ڇڏي
چيف جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس طارق محمود جهانگيري پي ٽي آءِ چيئرمين جي سزا معطل ڪرڻ ۽ ضمانت تي آزاديءَ وارين درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي
اليڪشن ڪميشن جو وڪيل امجد پرويز عدالت ۾ پيش نه ٿيو، معاون وڪيل چيو ته امجد پرويز طبيعت خراب هئڻ سبب پيش نه ٿيو آهي
چيف جسٽس عامر فاروق رمارڪس ۾ چيو ته سزا معلي جي درخواست هاڻ آخري مرحلي ۾ آهي، 15 کان 20 منٽن ۾ دليل مڪمل ٿيڻا هئا، اسان ڪيس ملتوي ڪري سگهون پيا پر نه ڪيو
چيف جسٽس چيو ته ضمانت جو معاملو آهي، اها ڳالهه غلط آهي، اسان به ٽرائل ڪورٽ وارو ڪم ڪري سگهون ٿا پر ائين نه ڪنداسين، ٽرائل ڪورٽ جيڪو ڪيو غلط ڪيو، ٻڌڻي سومر تائين ملتوي ڪيون ٿا، سومر تي جيڪڏهن ڪير نه به آيو ته فيصلو ڪري ڇڏينداسين
عمران جي وڪيل لطيف کوسه چيو ته هڪ شخص 20 ڏينهن کان جيل ۾ آهي، وڌيڪ ٽئي ڏينهن جيل ۾ رکندا ؟ پوءِ اسان عدالت ۾ پيش نه ٿينداسين، اوهان کي جيڪو ڪرڻو آهي ڪري ڇڏيو
بعد ۾ عدالت اليڪشن ڪميشن جي وڪيل امجد پرويز جي التوا جي درخواست منظور ڪندي ٻڌڻي سومر تائين ملتوي ڪري ڇڏي