عمران جا پويان پير، گوهر خان پارٽي چيئرمين نامزد، تحريڪ انصاف ورهائجي وئي
نومبر 29, 2023
اسلام آباد (بيورو رپورٽ + م ڊ) اڊيالا جيل ۾ قيد پي ٽي آءِ چيئرمين پاران انٽرا پارٽي اليڪشن نه وڙهڻ جو فيصلو، پي ٽي آءِ چيئرمين بئرسٽر گوهر علي خان کي پارٽيءَ جو نگران چيئرمين نامزد ڪري ڇڏيو، تحريڪ انصاف جي انٽراپارٽي اليڪشن 2 ڊسمبر تي ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، پي ٽي آءِ جي اڳواڻ بئرسٽر علي ظفر اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته هي نه ڪو مائينس ون فارمولا آهي ۽ نه وري شريڪ مائينس فارمولا آهي، ڪنهن قد آور شخصيت کي نگران چيئرمين بڻايو وڃي ها ته اهو مائينس ون فارمولا هجي ها، پي ٽي آءِ جو نگران چيئرمين عارضي طور مقرر ٿيو آهي، پي ٽي آءِ چيئرمين کانسواءِ پارٽيءَ جو ڪو تصور ئي نه آهي، اليڪشن ڪميشن جي انٽرا پارٽي اليڪشن ڪرائڻ واري فيصلي خلاف عدالت وينداسين. علي ظفر چيو ته عمران خان کي توشا خانه واري هڪ ڪيس ۾ سزا ٻڌائي وئي آهي، عمران خان عارضي طور تي انٽرا پارٽي اليڪشن ڪرائڻ جو چيو آهي، علي ظفر مطابق عمران خان چيو آهي ته اسان اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کي پارٽي مان بيٽ جو چونڊ نشان واپس وٺڻ، اليڪشن ۾ حصو نه وٺڻ يا پارٽي جي اميدوارن جا نامزدگي رد ڪرڻ جو ڪو به عذر نه ٿا ڏيون. ” مان اهڙو ڪو خطرو کڻڻ نٿو چاهيان، عوام اسان سان گڏ آهي، جڏهن به اليڪشن ٿيندي ته اسان کٽنداسين، آئون عام چونڊن ۾ حصو وٺڻ چاهيان ٿو، انٽرا پارٽي اليڪشن منهنجي لاءِ ڪا اهم ناهي، پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڪيل لطيف کوسا اڊيالا جيل ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پي ٽي آءِ جو سربراهه ۽ چيئرمين عمران ئي رهندو، پارٽي چيئرمين جي تبديلي جو ڪو به فيصلو نه ٿيو آهي. هوڏانهن پاڪستان تحريڪ انصاف جي انٽراپارٽي اليڪشن ۾ پارٽي جي چيئرمين جي عهدي تي اڳواڻ ٻن حصن ۾ ورهائجي ويا آهن. خانگي ٽي وي چينل موجب پي ٽي آءِ جي چيئرمين جي مقرري بابت اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي آهي. ذريعن موجب پارٽي چيئرمين جي عهدي لاءِ پي ٽي آءِ جي ڪور ڪاميٽي جي اڳواڻن ۽ وڪيلن جي ٽيم ٻن حصن ۾ ورهائجي ويا آهن. ذريعن موجب پي ٽي آءِ جي ڪور ڪاميٽي جي سينئر اڳواڻن جي راءِ آهي ته پارٽي چيئرمين جو عهدو ڪنهن سياسي اڳواڻ کي ڏنو وڃي، جڏهن ته قانوني ٽيم جو چوڻ آهي ته چيئرمين جو عهدو عارضي طور تي ڪنهن غيرسياسي ماڻهو کي ڏئي پارٽي بچائي سگھجي ٿي.