اسلام آباد(پنهنجي ڊيسڪ) سُپريم ڪورٽ پي ٽي آءِ چيئرمين جي 9 مئي تي گرفتاري خلاف اپيلن تي تفصيلي فيصلو جاري ڪندي چيو آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين کي عدالتي احاطي مان گرفتار ڪري بنيادي حق پائمال ڪيا ويا
سپريم ڪورٽ جو 22 صفحن تي ٻڌل فيصلو چيف جسٽس عمر عطا بنديال لکيو، عدالت فيصلي ۾ چيو آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿي سرينڊر ڪيو هو، پر جهڙي نموني کيس گرفتار ڪيو ويو، اُن سان هاءِ ڪورٽ جي اٿارٽي ۽ تقدس کي پائمال ڪيو ويو
تفصيلي فيصلي ۾ چيو ويو ته هاءِ ڪورٽ انصاف جون گهرجون پوريون ڪرڻ لاءِ حفاظتي ضمانت ڏئي سگهي ٿي، گرفتاري قانوني قرار ڏني وڃي ها ته القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ ضمانت واري درخواست بي اثر ٿي وڃي ها
فيصلي موجب گرفتاري کي قانوني قرار ڏيڻ سان عدالتن مان گرفتاري معمول بڻجي وڃي ها، پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا عدالتن کي جوابدارن جي شڪار جو ڳڙهه بڻائين ها
سُپريم ڪورٽ آرٽيڪل 4، 9 ۽ 10 اي تحت بنيادي حقن جي تحفظ لاءِ گرفتاري کي غيرقانوني قرار ڏنو