لاهور(ڊجيٽل ڊيسڪ) اڳوڻي حڪمران پارٽي پاڪستان تحريڪ انصاف مان ماڻهن جي نڪرڻ جو سلسلو جاري آهي.
هڪ رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته هيستائين پي ٽي آءِ کي ڇڏيندڙن جو انگ 220 ٿي ويو آهي.
اهي سمورا عهديدار آهن. انهن ۾ 150 اڳوڻا ۽ موجوده پارليامينٽ جا ميمبر به شامل آهن.