ڪراچي (پنهنجي ڊيسڪ) 9مئي واقعي کانپوءِ پي ٽي آءِ کان راهون جدا ڪندڙ ڪجهه اسيمبلي ميمبر هڪ نئين پارٽي ٺاهڻ لاءِ سرگرم ٿي ويا آهن ته ڪجهه وري پ پ، ق ليگ يا جهانگير ترين گروپ جو رخ ڪري رهيا آهن
نواز ليگ پي ٽي آءِ جي باغي ميمبرن لاءِ پنهنجا در بند ڪري ڇڏيا آهن ڇو ته ان کان اڳ ضمني چونڊن ۾ نواز ليگ پي ٽي آءِ ڇڏيندڙن کي ٽڪيٽ ڏني هئي ته شڪست ملي هئي
اهڙي صورتحال پيپلزپارٽي، مسلم ليگ (ق) ۽ ترين گروپ پنهنجا در پي ٽي آءِ ڇڏيندڙن کي پناهه ڏيڻ لاءِ کولي ڇڏيا آهن پر ان دوران ٻيا گروپ به سامهون اچي ويا آهن
اڳوڻي وزيرن هاشم ڊوگر ۽ مراد ڊيموڪريٽس نالي سان هڪ نئون گروپ ٺاهي ورتو آهي، ڊوگر-راس گروپ مبينا طور اڳوڻي صوبائي ۽ وفاقي وزيرن سوڌو تقريبن 35 سياسي اڳواڻن جي حمايت حاصل ڪري ورتي آهي
ڊيموڪريٽس گروپ اڃا تائين پنهنجي سياسي طاقت جو اظهار ناهي ڪيو گروپ جو چوڻ آهي ته هن گروپ ۾ في الحال ڪا به عورت ميمبر ناهي
گروپ جي قيادت ڪندڙ اڳوڻي وزير تعليم پنجاب مراد راس جو چوڻ آهي ته ڊيموڪريٽس گروپ پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) خلاف بطور اپوزيشن جدوجهد جاري رکندو
هن چيو ته گروپ ۾ شامل ٿيندڙن جا نالا في الحال ظاهر نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ڇو ته ٻين پارٽين ۽ گروپن پاران به انهن سان رابطا شروع ٿي ويندا
مراد راس چيو ته پي ٽي آءِ اڳواڻ پنهنجي مرضي سان اچي رهيا آهن، ق ليگ ۽ جهانگير ترين جا اڳواڻ اسان سان ميٽنگ ۽ پنهنجي پارٽي ۾ شموليت لاءِ پيغام موڪلي رهيا آهن پر اسان انهن کي جواب نه ڏئي رهيا آهيون