اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پي ٽي آءِ ڇڏيندڙ اڳوڻي ايم اين اي ڊاڪٽر حيدر علي پيپلزپارٽي ۾ شموليت ڪري ڇڏي
ڊاڪٽر حيدر علي سنڌ هائوس اسلام آباد ۾ پ پ اڳواڻ فيصل ڪريم ڪنڊي سان گڏ پريس ڪانفرنس دوران پ پ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو
ان موقعي تي مملڪتي وزير ۽ پ پ ترجمان فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته عمران خان جلد ملڪ ڇڏي ويندو پي ٽي آءِ رڳو زمان پارڪ تائين محدود ٿي وئي آهي
هن چيو ته پي ٽي آءِ جا ڪجهه ماڻهو ڊيپوٽيشن موڊ تي آهن ۽ ايندڙ مقرري جي انتظار ۾ آهن ڪجهه سليپنگ موڊ ۽ ڪجهه ايئرپلين موڊ ۾ هليا ويا آهن
ان کان اڳ پي ٽي آءِ جي اڳوڻي ايم اين اي عثمان ترڪئي به پ پ ۾ شموليت ڪري چڪو آهي
ڊاڪٽر حيدر علي سوات مان چونڊيل ايم اين اي هو