پي ٽي آءِ ڊجيٽل ميڊيا سيل تي ڇاپو، رئوف حسن ۽ وقاص جنجوعه گرفتار، جي آءِ ٽي قائم
جُولاءِ 23, 2024
اسلام آباد(بيورو رپورٽ/ م ڊ) اسلام آباد پوليس پي ٽي آءِ چيئرمين بئرسٽر گوهر ، ترجمان رئوف حسن ۽ احمد وقاص جنجوعه کي کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو، پوليس اٽالن پي ٽي آء سيڪريٽريٽ جو گهيرو ڪري ورتو، پوليس پارٽي سيڪريٽريٽ اندر داخل ٿي پي ٽي آءِ چيئرمين بئرسٽر گوهر ۽ رئوف حسن کي حراست ۾ ورتو، پوليس پي ٽي آءِ جي سيڪريٽريٽ مان ليپ ٽاپ، ايل سي ڊيز ۽ ريڪارڊ به تحويل ۾ وٺي ڇڏي، بعد ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين کي ڇڏيو ويو، پاڪستان تحريڪ انصاف جي اسلام آباد ۾ مرڪزي سيڪريٽريٽ ۾ قائم ڊجيٽل ميڊيا سيل تي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن شاهدين جي بنياد تي ڇاپو هنيو. ذريعن موجب پي ٽي آءِ جي مرڪزي آفيس ۾ قائم ڊجيٽل ميڊيا سيل انٽرنيشل ڊس انفارميشن جو حب بڻيل هو، ۽ اتان ملڪ دشمن ايجنسين سان گڏجي پاڪستان مخالف پروپيگينڊا ڪئي وئي پئي. ذريعن جو چوڻ هو ته انهي ۾ سڌي ريت ملوث سمورن ماڻهن کي مشينري ۽ ايڪومپينٽ سميت قانون لاڳو ڪندڙ ادارن گرفتار ڪري ورتو آهي. ٻڌايو ويو آهي ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي حراست ۾ ورتل پي ٽي آءِ جي انٽرنيشل سوشل ميڊيا ايڪٽوسٽ طرفان ڏني ويندڙ معلومات تي اهڙي ڪارروائي ڪئي وئي. هوڏانهن ترجمان گهرو وزارت جو چوڻ آهي ته اسلام آباد پوليس پي ٽي آءِ جي ڪوآرڊينيٽر احمد وقاص جنجوعه کي گرفتار ڪري ورتو. گهرو وزارت پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اسلام آباد پوليس ۽ ايف آءِ اي جي ٽيم شروعاتي جاچ ۽ ڊجيٽل مواد جي روشني ۾ پي ٽي آءِ جي ڊجيٽل ميڊيا ونگ تي ڇاپو هنيو. ڇاپي دوران روف حسن کي گرفتار ڪيو ويو. گهرو وارت جي ترجمان موجب پي ٽي آءِ رياست مخالف پروپيگنڊا ۾ ملوث آهي، ان سلسلي ۾ جاچ لاءِ جي آءِ ٽي ٺاهي وئي آهي