پي ٽي آءِ کان بيٽ جو نشان وري کسجي ويو: پشاور هاءِ ڪورٽ اسٽي واپس وٺي ڇڏيو: فيصلو چيلينج ڪرڻ جو اعلان

جنوري 3, 2024

پشاور(مانيٽرنگ ڊيسڪ) پي ٽي آءِ کان بئٽ جو چونڊ نشان ٻيهر کسجي ويو، اليڪشن ڪميشن جو پي ٽي آءِ کان بئٽ واپس وٺڻ بابت 22 ڊسمبر وارو فيصلو بحال، پشاور هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ جي حق ۾ جاري ڪيل اسٽي آرڊر واپس وٺي ڇڏيو

 اليڪشن ڪميشن پشاور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف نظرثاني اپيل داخل ڪئي هئي، عدالت فيصلي ۾ لکيو آهي ته 26 ڊسمبر تي اليڪشن ڪميشن کي ٻڌڻ بنا عبوري رليف ڏنو ويو، رليف ڏيڻ وقت عدالت جي اختياري دائري کي به نظر ۾ نه رکيو ويو، اها ڳالهه به نظرانداز ڪئي وئي ته عبوري رليف اليڪشن عمل ۾ رنڊڪ وڌي هئي، اليڪشن ڪميشن کي ملڪ ۾ عام چونڊون 8 فيبروري تي ڪرائڻيون آهن

عدالت حڪم ڏنو ته اي سي پي پنهنجي مينڊيٽ تحت چونڊ عمل جاري رکي، سپريم ڪورٽ جي حڪم موجب شفاف چونڊن کي يقيني بڻايو وڃي

 اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ انٽرا پارٽي کي پارٽي آئين خلاف قرار ڏيندي بيٽ جو نشان واپس ورتو هو، پي ٽي آءِ اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کي پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو هو، پشاور هاءِ ڪورٽ اليڪشن ڪميشن جو فيصلو معطل ڪندي پي ٽي آءِ جو چونڊ نشان بحال ڪيو هو

ٻئي طرف پي ٽي آءِ پشاور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، بئريسٽر گوهر چيو آهي ته ڪجهه به ٿئي، عام چونڊن جو بائيڪاٽ نه ڪيو ويندو، 90 سيڪڙو کان وڌيڪ پڪ آهي ته سپريم ڪورٽ بئٽ جو نشان بحال ڪندي

هن چيو ته  بئٽ جو نشان بحال نه ٿيو ته اها هارس ٽريڊنگ جي شروعات هوندي، سپريم ڪورٽ چئي چڪي آهي ته پارٽي کان نشان واپس وٺڻ اُن کي ٽوڙڻ برابر آهي، سپريم ڪورٽ بئٽ جو نشان بحال نه ڪيو ته هر اميدوار ڌار ڌار نشان تي چونڊ وڙهندو، اُن سان ووٽرز پريشان ٿي ويندا

سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ اميدوارن جو هڪ ئي گڏيل چونڊ نشان هجڻ گهرجي، اسان کي بيٽ جو نشان واپس ملندو ته دنيا ڪڏهن به اليڪشن کي قبول نه ڪندي

Leave A Comment