پشاور (پنهنجي ڊيسڪ) پي ٽي آءِ جي اڳواڻن پاران پارٽي ڇڏڻ جو سلسلو جاري، وڌيڪ ٻن اڳوڻن اسيمبلي ميمبرن پارٽي ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي
پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳوڻي ايم اين اي جمشيد ٿامس ۽ اڳوڻي ايم پي اي ملڪ خرم علي پارٽي ڇڏڻ جو اعلان ڪيو آهي
جمشيد ٿامس 9مئي واقعن جي مذمت ڪئي ۽ پاڪ فوج سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو آهي
جمشيد ٿامس پارٽي عهدي تان به استعيفا ڏيڻ جو اعلان ڪرڻ سان گڏ پارٽي ڇڏڻ جو به اعلان ڪيو آهي
پشاور سان تعلق رکندڙ جمشيد ٿامس اقليتي سيٽ تي اسيمبلي جو ميمبر بڻيو هو ۽ اقليتي ونگ جو جنرل سيڪريٽري به هو
تحريڪ انصاف جي اڳوڻي ايم پي اي ملڪ خرم علي به پارٽي ڇڏڻ جو اعلان ڪيو اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس دوران هن 9مئي واقعن جي مذمت ڪئي
ملڪ خرم علي چيوته سياست ڪرڻي آهي ته سڀ کان پهريان پاڪستان جو تحفظ ڪرڻو پوندو پاڪستان جو تحفظ ڪندڙ ادارن جي عزت ڪرڻي پوندي